فضل احمد بچاڻي

فضل احمد بچاڻي

فضل احمد بچاڻي

فضل احمد بچاڻي: ناليوارو اديب، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، مقالا نويس ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي، 1934ع ڌاري ٽنڊي الهيار شهر ۾ ڄائو. جيتوڻيڪ هو تخليڪار هو. پر سندس اهم سڃاڻپ مترجم جي حيثيت ۾ آهي، هن اڪثر ترجما انگريزيءَ مان ڪيا، جيڪي آسان ٻولي، لفظن جي درست استعمال، تخليقي انداز ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪافي مقبول آهن. هن جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ لکيا، تن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ”سپون“ (خليل جبران جي چونڊ افسانن جو ترجمو: 1960ع)، (2) ”نازبو“ (طبڪزاد ڪهاڻين جو مجموعو: 1962ع)، (3) ”عاشي“ (هينري رائڊر گيرڊ جي ناول ‘She’ جو ترجمو: 1961ع)، (4). ”روح جي ڳولا“ ‘Shadows in the Wall’) جو ترجمو)، (5) ”سڌارٿ“ (هرمن جي ڪتاب ‘Sitharta’ جو ترجمو: 1982ع)، (6) ”سزا جا سک“ (آسڪر وائلڊ جي خطن ‘Deprofundis’ جو ترجمو: 1983ع)، (7) ”آسيه، عاشي جي واپسي“ (رائڊر هيگرڊ جي ناول ‘Aeshe-The Return of She’ جو ترجمو: 1983)، (8) ”تصوير جو خون“ (آسڪر وائلڊ جي ناول ‘Picture Dorian Grey’ جو ترجمو: 1983ع)، (9) ”سورن سانڍياس“ (وڪٽر جي ناول ‘Lemiserable’ جو ترجمو)، (10) ”اڳي ائين هياس“ (يادگيريون: ٻه حصا). ان کانسواءِ سندس بيشمار مضمون، مقالا ۽ ترجما مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. فضل احمد بچاڻيءَ 1987ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ فضل احمد بچاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.00.00  عيسوي

فضل احمد بچاڻي ، 1934ع ڌاري ٽنڊي الهيار شهر ۾ ڄائو


1987.00.00  عيسوي

فضل احمد بچاڻيءَ 1987ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاتم علوي
پير حسام الدين راشدي
رميش چوڌري
ديوان محمد اقبال
ڀڳت ٽهليارام
ابو سلمه عبدالله مخزومي رضه
ثاليس
حڪيم ميان معين الدين کنياروي
ڀاٽيا وملا پرسرام
سهجرام توشڪچي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون